بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Dumbarton Oaks Conference
ڊمبرٽن اوڪس ڪانفرنس
هيءَ ڪانگريس آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن (ڊي .سي) ۾ 21 آگسٽ کان 7 آڪٽوبر 1944ع تائين آمريڪي انڊر سيڪريٽري ’ايڊورڊ ريلي اسٽيٽينس‘ جي صدارت ۾ منعقد ٿي . اِن ڪانفرنس جو بنيادي مقصد گڏيل قومن واري اداري جي بنيادي جوڙجڪ ۽ مقصدن تي بحث ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ سوويت يونين بدران چين شرڪت ڪئي. اِن ڪانفرنس ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جي صورتحال ۾ دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪو جامع طريقه ڪار جوڙڻ ۽ هڪ اهڙي سلامتي اداري جي قيام بابت ويچاريو ويو، جيڪو ”ليگ آف نيشنس“ جي ناڪاميءَ کي نظر ۾ رکندي، گڏيل سلامتيءَ بابت جوڳي ضمانت ڏيئي سگهي. ان ڏس ۾ ڪانفرنس کي سلامتي ڪائونسل جهڙو ادارو جوڙڻ ۾ مدد ملي. اِن ڪانفرنس ۾ طئي ڪيل تجويزن جي مسودي ۾ ٿورڙي ڦيرڦار ڪري، 1945ع ۾ ”سئن فرائسسڪو“ ڪانفرنس ۾ هڪ خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ گڏيل قومن جو بنيادي چارٽر جوڙيو ويو. ان لحاظ کان هن ڪانفرنس جو گڏيل قومن وارو ادارو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار آهي
ڏندڻ
مصدر. ڪنهن ڏندن واري اوزار جهڙوڪ ڦَڻِي، ڏاٽي يا ڏاندارِي جا ڏندا ڪڍڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal